ديهات 2

ديهات 2(ڳوٺ): ديهات، ضلعي نوشهري فيروز جي تعلقي محرابپور جو هڪ آباد ۽ زرخيز ڳوٺ آهي. هيءَ ڳوٺ ڪوٽڙي ڪبير کان خانواهڻ روڊ ڏئي، ڏيون مائينر کان جلباڻي ڳوٺ ڏانهن ايندي وچ تي واقع آهي. هتي هڪ پراڻو مدرسو، مولانا قاضي نظر محمد ديهاتيءَ جي نالي سان موجود آهي. هتي مڊل اسڪول به آهي. هتي آباد ذاتين ۾ سومرا، دايا، راجپوت، لانگاهه، ڪلهوڙا ۽ نوحپوٽا وغيره اچي وڃن ٿا. هتي جيڪي اهم شخصيتون ٿي گذريون آهن، تن ۾ مولوي نظر محمد وڏو عالم هو، جنهن جا ڪافي ڪتاب ڇپيل آهن. مولوي عبداللطيف فتويٰ نويس ۽ وڏو حڪيم ٿي گذريو آهي. مرحوم غلام حسين سيشن جج، جيڪو جنرل ايوب جي دؤر ۾ اليڪشن ڪميشن جو ميمبر به رهيو. طارق رحيم مئٿيميٽڪس ۾، چين مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي، اڄڪلهه اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمت ۾ آهي. پروفيسر عبدالحفيظ سومرو، حيدرآباد انٽرميڊيئيٽ بورڊ جو ڪنٽرولر رهي چڪو آهي. هن وقت L.M.C.H.V ۾ ڪنٽرولر آهي. غلام محمد سومرو، ليکڪ ۽ آبپاشيءَ جو ماهر ۽ انجنيئر رهيو آهي. هن سکر بئراج تي ريسرچ پڻ ڪئي. استاد گلزار علي خان فنڪار به ديهات جو رهاڪو هو. هتان جي مدرسي مان ڪافي حافظ پيدا ٿيا ۽ اتي هڪ وڏي لائبرري پڻ قائم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو